ڀائي کيمچند

ڀائي کيمچند: ڀائي کيمچند حيدرآباد، سنڌ جو رهاڪو صوفي سنت ٿي گذريو آهي. هي فقير مشهور ويدانتي شاعر صوفي دلپت جو مريد هو ۽ وٽس گهڻو وقت گذاريندو هو ۽ سندس ’واڻي‘ گڏ ڪندو هو. خوشيرام جي تصنيفدرويشي ڪلام“ ۾ ڀائي کيمچند بابت درج ٿيل آهي ته ”ڀائي صاحب دنيا جي بکيڙن ۾ اصل ڪو نه پوندو هو. سدائين پنهنجي گهر جي ڀرسان هڪ ننڍڙي اوطاق ۾ در بند ڪري ايشور جي ڀڄن ۾ گذاريندو هو. اوطاق ۽ گهر جي وچ ۾ هڪ ننڍي دري هئي، جنهن ۾ سندس گهر وارا جوئر جي ڍوڍي جو ٽڪر ۽ وٽيءَ ۾ سائي ڀاڄي رکي ويندا هئا، جو کائي پنهنجو وقت ڀڄن ۾ گذاريندو هو.“ ڀائي کيمچند سڄي حياتي نهايت سادگيءَ سان گذاري ۽ 1884ع ۾ چالاڻو ڪيو.


لفظ ڀائي کيمچندھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو